ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار ۾ ثقافت کاتي ۽ ضلعي انتظاميا پاران سنڌ جي ڏاهي ۽ سچار وتايو فقير جي سالياني عرس مبارڪ جون تقريبون شروع ٿي ويون. وتائي فقير جي درگاهه تي ڪمشنر حيدرآباد عباس بلوچ ۽ ڊي سي ٽنڊوالهيار ولي محمد بلوچ گلن جي چادر چاڙهي ملڪ جي سلامتي لا دعا گهري. ان موقعي تي ڪمشنر حيدرآباد عباس بلوچ چيو ته وتائي فقير جي ڏنل قولن مان اسان کي زندگي گذارڻ جو فلسفو ملي ٿو، هو هڪ سچو درويش هو، جنهن کي ما چيو ته وڃ ٽانڊو کڻي اچ، وتايو سڄو ڳوٺ رلي آيو، پر ٽانڊو نه مليو، واپس اچي چيائين ته امان ٽانڊو نه مليو، امان چيس ته دوزخ مان کڻي اچ، پو وتائي چيو ته امان دوزخ ۾ به ٽانڊو نه آهي، هر انسان پنهنجو ٽانڊو پاڻ کڻي وڃي ٿو. جلد وتائي فقير جي مزار جي مرمت ۽ چوديواري جو ڪم شروع ڪيو ويندو. ڊي سي ولي محمد بلوچ چيو ته وتائي تي به تحقيق ٿيڻ گهرجي، وتايو فقير لائبريري جو ڪم هلندڙ آهي. هوڏانهن وتايو فقير ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعرو ٿيو، جنهن ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرض اديب نصير مرزا سرانجام ڏنا، جنهن ۾ اديب عبدالواحد عاصي هڪڙو، محمد جمن ڀٽي، رياض عمراڻي، حبيب رسول ڏاهري، سعيد مڱڻهار، نسيم بلوچ، مسڪين سمون، روحل ڪالرو، عبدالرحمان عبد، شنڪر ڀيل، شاعر محمد علي ميرجت، منٺار لاشاري، خليل کوسو، مايا ساگر اوڏ، سليمان سمون، پيرل قمبراڻي، عاصي زميني، انور فغار، ڊاڪٽر اسد جمال پلي ۽ تاج جويو چيو ته وتائي جي جنم ڀومي اگهاميڻي مان ملي ٿي، وتائي فقير جاگيري قدرن جي نفعي هئي، هن وٽ حياتي گهارڻ جو نظريو هو. وتائي فقير جي عرس جي موقعي تي مزاحيه اداڪار علي گل ملاح ۽ سهراب سومرو ٽوٽڪا ٻڌائي مرڪون وکيريون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close