بلوچستانپاڪستان

ڪوئيٽا ۾ ڇوڪرين جون نازيبا وڊيوز ٺاهي حراسان ڪرڻ جو انڪشاف

ڪوئيٽا: ڪوئيٽا ۾ مجبور ڇوڪرين جون نازيبا وڊيوز ٺاهي کين بليڪ ميل ڪرڻ جو شرمناڪ اسڪينڊل سامهون آيو آهي. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب جوابدارن طرفان مجبور ڇوڪرين جون نازيبا وڊيوز وائرل ڪيون ويون. جڏهن ته معاملي تي جاچ ڪميٽي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ مرڪزي جوابدارن سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي ۽ ٻئي جوابدار 14 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي قيد ۾ آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته ٻئي جوابدار ڀائر آهن، جوابدارن جي ليپ ٽاپ ۽ ٻين ڊوائيسز مان هٿ آيل وڊيو فارنزڪ لاءِ موڪليون ويون آهن ۽ ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ونگ سان به رابطو ڪيو ويو آهي. بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس جو چوڻ آهي ته وڊيو اسڪينڊل انتهائي افسوسناڪ آهي ۽ ان واقعي معاشري کي ڌوڻي رکيو آهي، وڊيو اسڪينڊل ۾ ملوث جوابدارن کي هر صورت ۾ ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button