پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

هفتي ۾ کير، بصر، ٿوم ۽ دالين سميت 19 ضروري شيون مهانگيون

اسلام آباد :کير، بصر، ٿوم ۽ دالين سميت 19 ضروري شين جي اگھن ۾ گذريل هڪ هفتي دوران واڌ ٿي آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه ڳڻپ واري وفاقي اداري جي جاري ڪيل هفتيوار رپورٽ موجب گذريل هڪ هفتي دوران مهانگائي جي گڏيل شرح 18 ڏهائي 58 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته هفتيوار بنيادن تي مهانگائي 18 سيڪڙو کان هيٺ نه اچي سگھي آهي. رپورٽ موجب گذريل هڪ هفتي دوران مهري دال 6 رپيا في ڪلو مهانگي ٿي آهي. جڏهن ته مڱن جي دال جي قيمت 7 رپيا وڌي وئي آهي. انگن اکرن موجب گذريل هڪ هفتي دوران مڱن جي دال جي قيمت 3 رپيا في ڪلو وڌي آهي. جڏهن ته بصر، ٿوم ۽ کليل کير جي قيمتن ۾ به واڌ ٿي آهي. ڳڻپ واري وفاقي اداري موجب ٽماٽا 13 رپيا في ڪلو گھٽ ٿيا آهن، جڏهن ته زندهه ڪڪڙ جي قيمت به 25 رپيا في ڪلو گھٽ ٿي آهي. رپورٽ موجب ايل پي جي جي گھريلو سلينڊر جي قيمت ۾ 71 رپيا گھٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت ۾ 5 رپيا گھٽتائي ڏٺي وئي آهي. هفتيوار رپورٽ موجب بيضن جي قيمت ۾ 26 رپيا في درزن ۽ پٽاٽن جي قيمت ۾ 4 رپيا84 پيسا في ڪلو گھٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button