پاڪستانخيبرپختونخواسنڌ

اليڪشن ڪميشن بلاول ڀٽو ۽ مراد شاهه سميت ٻين اڳواڻن تي ڏنڊ هڻي ڇڏيو

پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سميت ٻين پارٽي اڳواڻن تي ڏنڊ لڳائي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان ڏنڊ خيبرپختونخوا جي بلدياتي چونڊن ۾ ضابطي اخلاق جي ڀڃڪڙي تي لڳايا ويا آهن. ان ڏس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن بلاول ڀٽو تي 50 هزار رپين جو ڏنڊ لڳايو آهي. جڏهن ته ٻين اڳواڻن مراد علي شاهه، خورشيد شاهه، نثار کهڙو ۽ عبدالقادر پٽيل تي به 50 هزار رپيا ڏنڊ لڳايو ويو آهي. صوبائي ڪميشن جو چوڻ آهي ته چونڊن دوران ٻيهر ڀڃڪڙين تي ڪيس اليڪشن ڪميش کي اماڻيو ويندو. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت ٻين پارٽي اڳواڻن طرفان ضابطي اخلاق جي خلاف ورزين جو نوٽيس ورتو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button