پشاور: خيبرپختونخوا ۾ پوليو ٽيمن جي حفاظت تي مقرر ٽيمن تي ڪالهه ٻئي ڏينهن به حملا ڪيا ويا جن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو. رپورٽ مطابق خيبرپختونخوا جي ضلعي ٽانڪ ۾ لاڳيتو ٻئي ڏينهن به پوليو ٽيم تي حملو ڪيو ويو ۽ پوليو جا ڦڙا پياريندڙ ٽيمن جي سيڪيورٽي تي مقرر پوليس اهلڪار کي شهيد ڪيو ويو آهي. پوليس ۽ پوليو پروگرام جي اختيارين ٻڌايو ته فائرنگ جو واقعو ايس ايم اي پوليس ٿاڻي جي حد واري علائقي گره شده ۾ پيش آيو. ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر (ڊي پي او) سجاد احمد ميڊيا کي ٻڌايو ته پوليس اهلڪار ڊيرا اسماعيل خان جي ويجهو ڪولاچي جي علائقي ۾ بنيادي صحت مرڪز ۾ پوليو ٽيمن جي سيڪيورٽي تي مقرر هئا. هن ٻڌايو ته صوبي ۾ 5 ڏينهن واري پوليو مهم دوران بنيادي صحت جي مرڪز ۾ پوليو ٽيم لاءِ 2 اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا ۽ اهلڪار کي انهي مرڪز ٻاهران نشانو بڻايو ويو. ڊي پي او جو چوڻ هو ته اهلڪار دڪان تان ڪا شي وٺڻ لاءِ صحت مرڪز کان ٻاهر نڪتو ته هڪ هٿياربند ان تي فائرنگ ڪري پنڌ فرار ٿي ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close