پاڪستانخيبرپختونخوا

پختونخوا ۾ ٻئي ڏينهن به پوليو ٽيمن تي حملا، هڪ اهلڪار شهيد، ٻيو زخمي

پشاور: خيبرپختونخوا ۾ پوليو ٽيمن جي حفاظت تي مقرر ٽيمن تي ڪالهه ٻئي ڏينهن به حملا ڪيا ويا جن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو. رپورٽ مطابق خيبرپختونخوا جي ضلعي ٽانڪ ۾ لاڳيتو ٻئي ڏينهن به پوليو ٽيم تي حملو ڪيو ويو ۽ پوليو جا ڦڙا پياريندڙ ٽيمن جي سيڪيورٽي تي مقرر پوليس اهلڪار کي شهيد ڪيو ويو آهي. پوليس ۽ پوليو پروگرام جي اختيارين ٻڌايو ته فائرنگ جو واقعو ايس ايم اي پوليس ٿاڻي جي حد واري علائقي گره شده ۾ پيش آيو. ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر (ڊي پي او) سجاد احمد ميڊيا کي ٻڌايو ته پوليس اهلڪار ڊيرا اسماعيل خان جي ويجهو ڪولاچي جي علائقي ۾ بنيادي صحت مرڪز ۾ پوليو ٽيمن جي سيڪيورٽي تي مقرر هئا. هن ٻڌايو ته صوبي ۾ 5 ڏينهن واري پوليو مهم دوران بنيادي صحت جي مرڪز ۾ پوليو ٽيم لاءِ 2 اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا ۽ اهلڪار کي انهي مرڪز ٻاهران نشانو بڻايو ويو. ڊي پي او جو چوڻ هو ته اهلڪار دڪان تان ڪا شي وٺڻ لاءِ صحت مرڪز کان ٻاهر نڪتو ته هڪ هٿياربند ان تي فائرنگ ڪري پنڌ فرار ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button