پاڪستانسنڌ

سنڌ حڪومت عوام لاءِ سهولتن ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي: حليم عادل شيخ

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ حڪومت سنڌ جي عوام لاءِ سهولتن ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، وڏيراڻي سوچ رکندڙ جماعت ڪڏهن به عوام جي ترقي نه چاهيندي. سنڌ جي عوام کي صحت ڪارڊ ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت تيار نه آهي، پنجاب، خيبرپختونخواه کانپوءِ گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير، بلوچستان کي مڪمل صحت ڪارڊ جي سهولت ملڻ واري آهي، سنڌ حڪومت راشن سبسڊي پروگرام ۾ به پنهنجو حصو وجهڻ کان انڪار ڪيو، جنهن سان سنڌ جي عوام کي وڌيڪ نقصان ٿي رهيو آهي.

سنڌ جي ترقي لاءِ هر قدم ۾ پ پ مخالفت ڪري ٿي سنڌ ڪارڊ کيڏندڙ حڪمران رڳو سنڌ کي لٽي پراپرٽيز ٺاهڻ ڄاڻين ٿا. صوبي جي وڏي وزير جو ڪردار رڳو نفرتون ورهائڻ تائين محدود آهي، وڏي وزير جي ڪابينه ۾ ڍڪڻ کولڻ لاءِ ته وزير موجود آهي پر عوام جا مسئلا ٻڌڻ لاءِ هڪ به وزير موجود نه آهي. سنڌ جي عوام کي اقليت چوندڙ سنڌ جو وڏو وزير فيڊريشن جي خلاف سازش ڪري رهيو آهي. سنڌ جي عوام لاءِ وفاق پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button