پاڪستانسنڌ

وفاقي وزير سنڌ ۾ اچي ڪوڙ ڳالهائي غلط بياني ڪن ٿا: امتياز شيخ

ڪراچي: سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ وفاقي وزيرن جي بيان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته وفاقي وزير سنڌ ۾ اچي ڪوڙ ڳالهائي غلط بياني ڪن ٿا، هڪ طرف گيس جي بندش سبب ماڻهن جا چلها ٿڌا ٿي ويا ته ٻئي طرف صنعتون ۽ سي اين جي بند ٿيڻ سبب هزارين خاندان فاقاڪشي ڪري رهيا آهن.

پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڪراچي جي اسٽيڪ هولڊر ڪانفرنس ۾ گئس جي کوٽ خلاف ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي وئي، مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف به ٺهراءُ پاس ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته ڪراچي جو حق سنڌ حڪومت نه پر وفاق تلف ڪيو آهي، ڪراچي جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ تي پي ٽي آءِ جي اتحادي جماعت ۾ جرئت ناهي، عوام جي مسئلن ۽ پريشانين جي ذميوار وفاقي حڪومت ۽ ان جون اتحادي جماعتون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button