پاڪستانسنڌ

ناظم جوکيو قتل ڪيس، عدالت جو جوابدارن کي پيٍش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

ملير: ملير جي مقامي عدالت ۾ ناظم جوکيو قتل ڪيس جي ڪالهه شنوائي ٿي گذري، جنهن سلسلي ۾ جيل اختيارين ايم پي اي ڄام اويس سميت ٻين جوابدارن کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو، جنهن تي عدالت جوابدارن کي پيش نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت ايندڙ شنوائي تي جوابدارن جي حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏيا.

جڏهن ته جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس جو عبوري چالان ڊسٽرڪٽ پراسيڪيوشن آفيس ۾ جمع ڪرايو ويو آهي، پراسيڪيوشن عبوري چالان جي اڃا تائين جاچ مڪمل ناهي ڪئي. عدالت ايندڙ شنوائي تي پوليس کان حتمي چالان طلب ڪندي، ڪيس جي شنوائي 16 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button