پاڪستانپنجاب

غلطيون آمريڪا ڪيون، قرباني جو ٻڪرو پاڪستان کي بڻايو ويو: وزيراعظم

لاهور: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته غلطيون آمريڪا ڪيون پر قرباني جو ٻڪرو پاڪستان کي بڻايو ويو. نائن اليون کانپوءِ اسلام ۽ دهشتگردي ڪيئن گڏ ٿي ويا؟ اسلام ۽ دهشتگردي جو ڪو واسطو ناهي ۽ ڪو به مذهب دهشتگردي جي اجازت نٿو ڏئي. لاهور ۾ صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته قربانين جو ڪريڊٽ ڏيڻ بدران اولهه جي ميڊيا ابتو پاڪستان کي ڊبل گيم کيڏڻ جي الزام ۾ بدنام ڪيو، آمريڪا جي ناڪامي جو ذميوار پاڪستان کي قرار ڏنو. هن چيو ته افغانستان جي جنگ ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ تي سڀ کان وڌيڪ نقصان پاڪستان کنيو ۽ سمورو نزلو به پاڪستان تي ڪريو. هن وڌيڪ چيو ته قانون جي عملداري نه هجڻ سان ملڪ ترقي نه ڪندو، ڪرپشن ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني نه هجڻ جي علامت آهي، امير طبقي جي ڪرپشن سبب اسان اڃا تائين ترقي پذير ملڪن ۾ آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button