ڪراچي: ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ 4 ڏينهن اڳ 70 ورهين جي شخص کي بيدردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن. جاچ پوليس جو چوڻ آهي ته 70 ورهين جي مڙس کي بيدردي سان قتل ڪندڙ عورت آئيس نشي جي عادي آهي، عورت ۽ سندس مڙس ٻئي گذريل 7 سالن کان آئيس جو نشو ڪري رهيا هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته 2013ع ۾ مقتول شيخ سهيل ۽ گرفتار عورت رباب عرف عاصمه جي شادي ٿي هئي، نشي ۾ زال مڙس هڪٻئي سان وڙهندا رهندا هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته جنهن رات سهيل قتل ٿيو، ان رات ٻنهي گڏجي آئيس جو نشو ڪري رهيا هئا، عورت تمام گهڻو نشو ڪري چڪي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول سهيل نشو ڪندو ٻاهر ايندو ويندو رهيو، جنهن تي سڪون سان ويهي نشو نه ڪرڻ تي جهيڙو ٿيو، نشي ۾ ڌت عورت پنهنجي مڙس کي چماٽ وهائي ڪڍي، جنهن تي جهيڙو وڌيڪ ٿيو ۽ ان دوران عورت پنهنجي مڙس کي لوهي راڊ هنئي، جنهن سان رت نڪرڻ لڳو. پوليس جو چوڻ آهي ته عورت مڙس جو رت صاف ڪرڻ لڳي ته جهيڙو ٻيهر وڌي ويو، جنهن بعد عورت مڙس کي ماريندي رهي ۽ لاش جا ٽڪرا ڪرڻ شروع ڪيا. پهرين ڳچي پوءِ هٿ وڍيا، مقتول جا ٻئي هٿ دريءَ مان ٻاهر اڇلائيندي چوڪيدار ڏسي ورتو، عورت هيٺ آئي ۽ ٻئي هٿ کڻي واپس فليٽ طرف وئي جنهن بعد قتل جو ڦاٽ ڦاٽي پيو، عورت گرفتاري کانپوءِ به ٻن ڏينهن تائين مسلسل نشي جي حالت ۾ هئي.