پاڪستانسنڌ

ڏيپلي ۾ 6 هفتن کان پاڻي بند، رهواسي پريشان، احتجاجي ڌرڻو

ڏيپلو: ڏيپلو ۾ 6 ھفتا گذرڻ باوجود رهواسين کي پاڻي نه مليو، جنهن خلاف شھري اتحاد، جي يو آ ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن پريس ڪلب کان بدين بس اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي. شھري اتحاد جي اڳوڻ عمران باغي، شعيب لنگھو، عوامي تحريڪ جي فاروق اعظم، وڪيل قيمت را، جي يو آ جي مولوي عباس ڪلر ۽ ٻين ڳالھائٔيندي چيو ته پبلڪ ھيلٿ عملدارن جي نااھلي جي ڪري 6 ھفتا گذرڻ باوجود پيئٔڻ جي مٺي پاڻي جي سپلا نه ٿي آهي، اڳ مھيني ۾ ھڪ ڀيرو مٺو پاڻي ڏنو ويندو هو، پبلڪ ھيلٿ عملدارن جي نااھلي سبب ڏيپلو ۾ نه پاڻي آهي، نه گندو پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ٿو، نه ڪچن ملازمن کي پگھارون ٿيون ملن، پاڻي جي سپلا دوران موٽرون خراب هجڻ جو جواز ڄاڻايو ويندو آهي، پبلڪ ھيلٿ عملدار ھر مھيني ملندڙ ڪروڙن جي بجيٽ ھڙپ ڪري وڃن ٿا، ڏيپلو جي آفيس ۾ ڪو آفيسر نٿو ويھي. هنن چتا ڏنو ته هفتي ۾ مسئلو حل نه ٿيو ته مٺي ۾ پبلڪ ھيلٿ ۽ ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button