پاڪستانسنڌ

کهڙا ۾ گادينشين جي ڀا تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف مظاهرو

کهڙا (ن، سنڌ ايڪسپريس)کهڙا ۾ حضرت سچل سرمست جي گادي نشين خواجا عبدالحق فاروقي جي ڀاء نظرالحق فاروقي تي ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف سرمست جماعت پاران درگاھه ميان چنيهه اڄڻ فقير کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين ميان ذاڪر حسين، ميان فدا حسين اڄڻ، ميان حليم الله، اظهر حسين، ڪامريڊ محمد علي اڄڻ ۽ ٻين الزام هنيو ته ڊي ايس پي فھيم فاروقي سچل سرمست جي گادي نشين خواجا عبدالحق فاروقي جي ڀاءُ خواجا نظرالحق فاروقي خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي. هنن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، آء جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته داخل ٿيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button