پاڪستانسنڌ

سکر ويجهو مبينا پوليس مقابلو،گهربل ڏوهاري کي مارڻ جي دعوى

سکر(بيورو رپورٽ) سکر پوليس پاران جهانگڙي ٿاڻي جي حد ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران 12 ڪيسن ۾ گهربل ڏوهاري کي مارڻ جي دعوى ڪئي آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه ايس ايس پي سکر عرفان سمون دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل رات جهانگڙو ٿاڻي جي پوليس ٽيم گشت ڪري رهي هئي ته رات جي پوئين پهر پوڻي چار وڳي جهانگڙو ٿاڻي جي حد ۾ ڪٽپر پل ويجهو پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ٿي پيو. ان دوران مقابلي ۾ 12 سنگين ڪيسن ۾ گهربل خطرناڪ ڏوهاري رمضان عرف رمضو ڀيو مارجي ويو آهي. هن ٻڌايو ته جوابدار مٿان ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪيس داخل ٿيل آهن. مارجي ويل ڏوهاري جو لاش قانوني ڪارروائي لاءِ تعلقي سول اسپتال روهڙي منتقل ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button