اسلام آبادپاڪستان

سنڌ کانسواءِ سمورن صوبن ۾ صحت جو خرچ برداشت ڪنداسين: وفاقي حڪومت

اسلام آباد: سڌ سماءَ بابت وفاقي وزيرفواد چوڌري چيو آهي ته جنوري کان سنڌ کانسواءِ سمورن صوبن ۾ صحت بابت خرچ حڪومت برداشت ڪندي، سستي گئس جي عادي ماڻهن کي عادتون تبديل ڪرڻيون پونديون، ملڪ اندر ڪجهه سالن ۾ ۾ گئس اڻلڀ ٿي ويندي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ووٽنگ مشين جو معاملو 2012ع ۾ پ پ جي حڪومت اٿاريو، 2016ع ۾ نواز شريف حڪومت ۾ به ووٽنگ مشين تي بحث ٿيو. ھن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي اي وي ايم فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، 4 هزار اي وي ايم مشينون ڪو وڏو مسئلو ناهي، هن چيو ته جنوري کان سنڌ کانسواءِ سمورن صوبن ۾ صحت بابت خرچ حڪومت برداشت ڪندي. وفاقي وزير چيو ته انڊيڪس مطابق ٽماٽر، چڪن، پٽاٽن جون قيمتون گهٽ ٿيون آهن جڏهن ته کنڊ ۽ اٽي جي اگهن ۾ استحڪام رهيو. فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته اسان وٽ رڳو ڪراچي ۽ حيدرآباد جو مسئلو آهي، ڪراچي ۾هن وقت 1300 رپين ۾ 20 ڪلو اٽو ملي رهيو آهي، اسان جي گوڙ ڪرڻ تي سنڌ حڪومت ٿوري بهتري آندي پر هاڻي به اٽو مهانگو آهي، اهڙي طرح ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ ڪراچي ۾ کنڊ مهانگي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button