پاڪستانسنڌ

روجهاڻ ۾ ٽيڪسي ڊرائيور جي قتل خلاف ڊرائيورن جو مظاهرو

سکر/نوابشاهه/دريا خان مري(نمائندن وٽان) آل پاڪستان ٽيڪسي ڊرائيور يونين جي سڏ تي ٽيڪسي ڊرائيور محبوب سيال جي قتل خلاف سکر ٽيڪسي اسٽينڊ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي مختيار مهر، شاهه بخش عمراڻي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته روجهاڻ مزاري واري علائقي ۾ ٽيڪسي ڊرائيور محبوب سيال کي هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪيو آهي. پوليس هن وقت تائين ڊرائيور جي قاتل کي گرفتار ناهي ڪري سگھي. واقعي خلاف احتجاج ڪرڻ باوجود پوليس ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي. هنن مطالبو ڪيو ته ٽيڪسي ڊرائيور جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن دريا خان مري ۾ به يونين جي مرڪزي صدر لالا عبدالغفار چانڊيو جي سڏ تي نصرت واھه موري تي ٽيڪسي ڊرائيورن احمد الدين بگٽي جھنڊو مري گل راڄپر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ٻئي طرف نوابشاهه ۾ محمد امين خاصخيلي، غلام شبير مگسي، چوڌري شھزاد، الله ڏنو ڇٽو، عبدالستار جمالي، جاويد اقبال جٽ، محب علي گپچاڻي، خرم اعواڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ به پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button