اسلام آبادپاڪستان

رٽائرڊ جج وجيهه الدين خلاف هرجاڻي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد:وفاقي حڪومت جسٽس رٽائرڊ وجيهه الدين خلاف ساک کي نقصان پهچائڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته هتي عام ماڻهو ته ڇا وزيراعظم جي عزت به محفوظ ناهي. اظهار جي آزادي بابت ملڪ ۾ نه ڪو قانون آهي نه ان تي عمل. وزيراعظم جي ذات کي جنهن نموني نشانو بڻايو ويو، ان جي مذمت ڪريون ٿا. ماڻهن جي عزت نفس مجروح ڪرڻ لا باقاعدا مهم هلائي وڃي ٿي. هن جسٽس رٽائرڊ وجيهه الدين خلاف ساک کي نقصان پهچائڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته چيو ويو جهانگير ترين بني گالا لاءِ پئسا ڏنا، جهانگير ترين الزامن جي ترديد ڪئي. بدقسمتي سان اسان آرٽيڪل 6 جي ڀڃڪڙي ڏسي رهيا آهيون. واضح رهي ته جسٽس رٽائرڊ وجيهه الدين پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته عمران خان جو گهر جهانگير ترين جي پئسي سان هلندو هو، جنهن تي جهانگير ترين ترديد ڪري چڪو آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته عمران خان کي ڪرڪيٽ مئچ کٽڻ ۾ جيڪي انعام مليا، ان ڪنهن لالچ بنا شوڪت خانم اسپتال لاءِ خرچ ڪيا. وزيراعظم پنهنجي ذاتي خرچ لاءِ ڪڏهن به پاڪستان جي خزاني تي بار ناهي وڌو. هن چيو ته وجيهه الدين ۽ نجم سيٺي جهڙن ماڻهن جو ڇا ڪجي. نجم سيٺي تي ٽن سالن کان ڪيس هلي رهيو آهي. جڏهن ته هن عدالت مان اسٽي وٺي ڇڏيو آهي، سوال اهو آهي ته اسان جو عدالتي نظام ڇا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته جڏهن ملڪ جي وزيراعظم تي اهڙي قسم جا الزام لڳايا وڃن ٿا ته ملڪ جي ماڻهن جو اعتماد کڄي وڃي ٿو، تنهنڪري اسان فيصلو ڪيو آهي ته اسان وجيهه الدين احمد تي ڪيس فائل ڪري رهيا آهيون. فواد چوڌري هاءِ ڪورٽس جي چيف جسٽس کان گهر ڪئي ته هو ضلعي ۽ صوبائي سطح خصوصي بئنچ قائم ڪري ته جيئن ان قسم جي ڪيسن تي فيصلا ڪيا وڃن. هن چيو ته پي ايم ڊي اي ۾ تجويزون پيش ڪيون آهن ته اسان اهو چاهيون ٿا ته ميڊيا تنظيمون ان قانون جي تڪميل ڪن ۽ ماڻهن کي بدنام ڪرڻ جو عمل ختم ڪري سگهجي. هن چيو ته اسان ان ٽيليويزن کي به نوٽيس ڏئي رهيا آهيون جن الزامن کي مهم جو حصو بڻايو ۽ نشر ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان ميڊيا لاءِ قانون تشڪيل ڏنا هئا پر صحافين ڌرڻو هڻي ڇڏيو ۽ هاڻي پاڪستان جي شهرين جي عزت نفس هڪ پاسي ۽ چند ماڻهن جو مفاد هڪ پاسي آهي. ان کي متوازن ڪرڻو آهي. اسان چاهيون ٿا ته هي فيڪ نيوز جو سلسلو جيڪو هٿ مان نڪري ويو آهي، ان تي سخت قانون ٺاهيا وڃن. ڪنهن شخص جو بيان نشر ڪرڻ جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال تي فواد چوڌري چيو ته دنيا ۾ ڪٿي ايئن ناهي ٿيندو ته الزامن تي ٻڌل بيان هلايو وڃي. سڀ کان پهريان انهن الزامن جي ترديد ڪئي وڃي ٿي، ان لاءِ هي اهم آهي ته ان تي قانون ٺاهيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button