پاڪستانسنڌ

اي پي ايس سانحي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻيو: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته اسڪول ۾ شاگردن ۽ ٽيچرز جي رتوڇاڻ ڪندڙ پلان رٿيندڙن ۽ سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ڪالهه اي پي ايس سانحي جا 7 سال مڪمل ٿيڻ تي بلاول ڀٽو زرداري سانحي ۾ شهيدن جي وارثن سان ٻڌي جو اظهار ڪيو.

هن چيو ته قوم اڄ تائين آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي وڏي ڏک مان ناهي نڪري سگهي ۽ اوهان معصوم روحن سان انصاف جي منتظر آهي، منهنجي پارٽي ۽ خاندان دهشتگردي جو شڪار ٿي رهيا آهن ۽ مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف پنهنجو آواز اٿاريندو رهندس. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نيشنل ايڪشن پلان جي سليڪٽڊ نفاذ کي ختم ڪري ان کي مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button