پاڪستانسنڌ

ڪامريڊ سوڀي جي سئو سالا جنم ڏينهن تقريب،سڀاڻي ڀيٽا پيش ٿيندي

ڪراچي: انجمن ترقي پسند مصنفين پاران ننڍي کنڊ جي عظيم انقلابي ۽ عالمي اشتراڪي تحريڪ جي ڪارڪن ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي سئو سالا جنم ڏينهن تقريب جي حوالي سان سندس علمي، ادبي خدمتن ۽ سياسي جدوجهد کي ڀيٽا ڪرڻ لاءِ 21 ڊسمبر 2021ع منجهند جو 3 وڳي هڪ تقريب ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ منعقد ڪئي ويندي. تقريب جي صدارت ناليوارو تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ علي ڪندو. جڏهن ته ڪامريڊ سوڀي جي سياسي ۽ علمي خدمتن تي ملڪ جا نالي وارا دانشور مظهر جميل، زاهده حنا، مسلم شميم، سهيل سانگي، ڪرامت علي، ڊاڪٽر توصيف احمد، ڊاڪٽر سيد جعفر احمد، اختر حسين، ايڊووڪيٽ، ناصر منصور، ڪامريڊ امداد قاضي، ڊاڪٽر رياض شيخ، جاويد قاضي، ڊاڪٽر شير مهراڻي، زهرا خان، محمد علي پٺاڻ، علي اوسط جعفري، منظور ٿهيم ۽ سجاد ظهير ڀيٽا پيش ڪندا. انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جي جوائنٽ سيڪريٽري سجاد ظهير تقريب جي حوالي سان جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو ته ڪامريڊ سوڀي جي جنم کي 2020ع ۾ سئوسال پورا ٿيا آهن. سوڀو گيانچنداڻي ننڍي کنڊ جي آزادي واري تحريڪ ۾ انقلابي ڪردار ادا ڪيو. سندس جدوجهد بُک، بيروزگاري، بدحالي ۽ اڻبرابري واري نظام خلاف هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button