پاڪستانسنڌ

ڄامشورو ۾ دوا ڪمپني ۾ روزگار نه ملڻ خلاف نوجوانن جو احتجاج

ڄامشورو: ڄامشورو ۾ خانگي دوا ساز ڪمپني آرڪروما ۾ مقامي ماڻهن کي نوڪرين ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف بيروزگار نوجوانن ڪمپني جي مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ بيروزگار نوجوانن علي اڪبر بروهي، گل حسن چانڊيو، فتح محمد بروهي، گدا حسين چانڊيو، ابراهيم راڄڙ، شهزاد راڄڙ، منظور خاصخيلي، عبدالرشید بروهي، نعيم راڄڙ ۽ هاجن راڄڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪمپني ۾ ٽن شفٽن ۾ هزارين ماڻهو ڪم ڪري رهيا آهن، پر مقامي ماڻهو اٽي ۾ لوڻ برابر آهن، جيڪي پڻ هيٺين پوسٽن تي ڪم ڪري رهيا آهن، ٻاهرين ماڻھن کي اچ وڃ لاءِ ٽرانسپورٽ جي سهولت ڏني وڃي ٿي. پڙهيل لکيل هئڻ باوجود مقامي نوجوان روزگار لاءِ پريشان آهيون، اسان مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا دروازا مڪمل طور تي بند آهن، چونڊيل نمائندا ۽ ڪامورا ڪمپني انتظاميا کان ڀتا خوري ڪرڻ سان گڏ پنهنجي مرضي سان من پسند ماڻهو ڀرتي ڪرائي رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته مقامي ماڻهن کي ڪمپني ۾ روزگار ڏياريو وڃي. ٻئي طرف انتظاميا ڳالهيون ڪرڻ بدران پوليس گهرائي احتجاج ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر نوجوانن مظاهرو جاري رکيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button