پاڪستانسنڌ
رجحان ساز

ڪوٽڙي پوليس جي 3 ڏوهارين کي گرفتار ڪري 5 ڪارون هٿ ڪرڻ جي دعوى

ڪوٽڙي: سائيٽ ڪوٽڙي پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪري ڪارون چوري ڪندڙ گينگ جي ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري چوري ٿيل 5 ڪارون هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي آھي. پوليس گرفتار ڏوهارين کي ڄامشورو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ڪوٽڙي سائيٽ پوليس جي ايس ايڇ او خيرمحمد ملاح ۽ رمضان برهماڻي جي اڳواڻي ۾ پوليس مختلف هندن تي ڪارروائي ڪري سائيٽ ٿاڻي جي حد مان چوري ٿيل 5 ڪارون هٿ ڪري ٽن ڏوهارين احمد شاهه، گوهر شيخ ۽ دادن رند کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت گرفتار ڏوهارين کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button