اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

2025 تائين اسٽريٽجڪ واپاري پاليسي فريم ورڪ جي منظوري

اسلام آباد : وفاقي ڪابينا 2025 تائين اسٽريٽجڪ تجارتي پاليسي فريم ورڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اڱاري تي وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا 2025 تائين اسٽريٽجڪ تجارتي پاليسي فريم ورڪ جي منظوري ڏني وئي. ايس ٽي پي ايف 2020-25 جو مقصد پاڪستاني ادارن جي صلاحيت کي وڌائڻ آهي. شين ۽ خدمتن جي پيداوار، ورڇ ۽ وڪري کي حريفن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ موثر طريقي سان وڌائڻ آهي. ٽيڪسٽائيل ۽ پوشاڪ راندين جو سامان گلم، چانور، ۽ ڪٽلري جي ايڪسپورٽ کي بهتر بنائڻو آهي. ترقياتي ايڪسپورٽ شعبن ۾ انجينئرنگ جو سامان سان گڏوگڏ آٽو پارٽس دواسازي ماربل ۽ معدنيات شامل آهي. پراسيس ٿيل خوراڪ، شربت، جوتا ۽ زيورات، گوشت پولٽري ۽ ڪيميڪل به شامل آهي. وزيراعظم جي سربراهي ۾ نيشنل ايڪسپروٽ ڊيولپمينٽ بورڊ پاليسي جي نگراني ڪندو. ٽيرف ريشنلائزيشن جي ذريعي پيداواري لاڳت گهٽجي ويندي، ملڪ ۾ تيار ڪيل شين جي عالمي مارڪيٽ تائين پهچ يقيني بڻائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button