ڪوئيٽا:بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ اومي ڪرون جا 30 مريض سامهون اچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان حوالي سان بلوچستان جي ڪرونا آپريشن سيل جي انچارج ڊاڪٽر نقيب الله نيازي نجي چينل سان ڳالهائيندي ٻڌايو آهي ته بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ ڪرونا جي ٽيسٽنگ دوران ٻن ڏينهن دوران اومي ڪرون جا 30 شڪي مريض سامهون اچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. هن چيو ته قلات مان سامهون ايندڙ اومي ڪرون جي شڪي مريضن جا نمونا تصديق لاءِ اين آءِ ايڇ ڊي اسلام آباد اماڻيا پيا وڃن. انچارج ڪرونا آپريشن سيل ٻڌايو ته صحت کاتي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر قلات کي به هڪ خط لکيو آهي، جنهن ۾ کيس هدايت ڪئي وئي آهي ته هو اومي ڪرون جي شڪي مريضن جي ڳولا ڪري فوري طور تي قرنطينا ڪري ڇڏي. اومي ڪرون جا شڪي مريض سامهون اچڻ کان پوءِ صحت کاتي سمورن ڊاڪٽرن کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف بلوچستان جي وڏي وزير قلات ۾ اومي ڪرون وائرس جي موجودگي جي اطلاع تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close