اسلام آبادپاڪستان

اليڪشن ڪميشن بلاول سميت ٻين مٿان لاڳو ڏنڊ ختم ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:اليڪشن ڪميشن بلاول ڀٽو سميت ٻين مٿان لاڳو ڏنڊ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب اليڪشن ڪميشن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس پارٽي جي ٻين 6 اڳواڻن جي خلاف ضابطي اخلاق جي ڀڃڪڙي جو ڪيس اڪلائي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن سمورن نامزد جوابدارن جي خلاف نوٽيس تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب سمورن ماڻهن مٿان لاڳو ڏنڊ ختم ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر ڪوبه فيصلو نه ڏنو ۽ نه ئي وري مذڪوره معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيو. بلاول ڀٽو زرداري سميت ٻين ڌرين ضابطي اخلاق تي عمل ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي، جنهن تي اليڪشن ڪميشن بلاول ڀٽو سميت ٻين مٿان لاڳو ڏنڊ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان خيبرپختونخوا ۾ مڪاني چونڊن جي لاءِ ٺاهيل ضابطي اخلاق جي ڀڃڪڙي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، خورشيد شاهه، سعيد غني ۽ مراد علي شاهه سميت ٻين مٿان 50 هزار في ماڻهو ڏنڊ لاڳو ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button