اسلام آبادپاڪستان

سيالڪوٽ سانحي تي مولانا طارق جميل سريلنڪن قوم کان معافي گهري ورتي

اسلام آباد :مولانا طارق جميل سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر سان ملاقات ڪندي سيالڪوٽ سانحي تي معافي گهري ڇڏي آهي. ڪالهه مولانا طارق جميل علاما طاهر اشرفي سان گڏ اسلام آباد ۾ سريلنڪا جي سفير سان ملاقات ڪئي ۽ سيالڪوٽ سانحي تي معافي گهري. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مولانا طارق جميل چيو ته اسان جو دين ظلم ۽ جبر جي اجازت نٿو ڏئي. سريلنڪا جي عوام کان هٿ ٻڌي معافي گهران ٿو. اسان سريلنڪا وارن جي سامهون شرمندا آهيون. مولانا طارق جميل وڌيڪ چيو ته ڪنهن کي به اهو حق حاصل ناهي ته هو ڪنهن کي ساڙي. اهو حق صرف الله کي آهي. اسلام محبت جو درس ڏيندو آهي. اسلام جو نالو سلامتي آهي، ايمان جو مطلب امن آهي. هن چيو ته جيڪو واقعو پيش آيو اهو نه اسلام جي تعليم آهي نه ئي اسلام جو پيغام مولانا طارق جميل ماڻهن کي قرآن مجيد ۽ حضور اڪرم صه جي سيرت پڙهڻ جي درخواست ڪئي. واضح رهي ته سيالڪوٽ ۾ فيڪٽري جي مئنيجر سريلنڪا واسي پريانٿا ڪمارا کي شرپسند هجوم بيدردي سان قتل ڪري جيئرو ئي ساڙي ڇڏيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button