پاڪستانسنڌ

نئون ڪوٽ ۾ آبپاشي عملي سموريون شاخون بند ڪري ڇڏيون، فصل سڪڻ لڳا

نفيس نگر: مٺڙائو ڪئنال جي پڇڙي واري سب ڊويزن نئون ڪوٽ ۾ آبپاشي عملدارن پاڻي جو نظام درهم برهم ڪري ڇڏيو. 3 ڏينهن اڳ شيڊول تحت کليل فضل شاخ، اڪوٽو شاخ، ڀان شاخ، سامروٽي شاخ، هوتا شاخ ۽ ٻيون شاخون هفتو مڪمل ٿيڻ کان اڳواٽ ئي آبپاشي عملدارن بغير اطلاع جي بند ڪري ڇڏيون، شاخون بند ٿيڻ ۽ پاڻي جي فراهمي 16 ميل کان هيٺ کولڻ سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل ڪڻڪ ۽ تورئي ڪمند توڙي ٻين فصلن کي پاڻي ملي نه سگهيو آهي، جنهن ڪري سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل سڪي رهيو آهي، اڪثر علائقن ۾ آبادگارن پاڻي جي آسري تي هزارين رپين ۾ خريد ڪيل ڀاڻ فصلن ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي، جيڪو وقت سر پاڻي نه ملڻ سبب ضايع ٿي ويو آهي. ان حوالي سان آبپاشي انجنيئر مٺڙائو عباس پنهور سان رابطي ڪوشش ڪئي وئي، پر هن ڪال اٽينڊ نه ڪئي. سرويئر مڪيش ڪمار ٻڌايو ته اسان سموريون شاخون بند ڪري 16 ميل کان هيٺ پيئڻ جو پاڻي پهچائي رهيا آهيون. هوڏانهن مختلف شاخن جي متاثر آبادگارن ممتاز جوڻيجو، کيمون ڀيل، هوش محمد گشڪوري، يونس علي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته آبپاشي انجنيئر مٺڙائو ۽ سندس عملي بغير اطلاع جي سمورين شاخن ۾ هلندڙ پاڻي جي فراهمي بند ڪري وڏي زيادتي ڪئي آهي، جنهن ڪري اسان جا وارا لڳي نه سگهيا آهن، اسان پاڻي جي آسري ۾ ڀاڻ خريد ڪرڻ بعد فصلن ۾ اڇلايو، پاڻي نه هجڻ سبب سمورو خرچ ڳچي ۾ پئجي ويو آهي ۽ فصل سڪي رهيا آهن. هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان گهر ڪئي ته نااهل آبپاشي عملي خلاف قدم کڻي بند ڪيل شاخون کولرائي پاڻي ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button