پاڪستانپنجاب

آصف زرداري پنهنجي قد کان وڏيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي: فواد چوڌري

لاهور: سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آصف زرداري پنهنجي قد کان وڏيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. لاهور ۾ شهباز گل سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي وارن قرض کڻي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي پر اسان پنج سالن ۾ 55 ارب ڊالر قرض واپس ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. ڪرونا جهڙي بلا ۾ به پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري آئي آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي بيان تي رد عمل ڏيندي وفاقي وزير چيو ته جڏهن اوهان کي عدالت وڃڻو هوندو آهي ته وهيل چيئر گهرائيندا آهيو، جڏهن ضمانت ملندي آهي ته سک جو ساهه کڻندا آهيو ۽ قد کان وڏيون ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهيو. فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ايٽمي ملڪ آهي، پاڪستان کي ڪوبه خطرو نه آهي. سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت تحريڪ انصاف جي هوندي هي اسلام آباد اچڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. اسلام آباد جي چڪر ۾ هي لاڙڪاڻو ۽ نوابشاهه وڃڻ جي به قابل نه رهندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button