اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي وڌيڪ 4 ماڻهو فوت، 322 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد : پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 4 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن سبب فوتين جو انگ 28 هزار 898 ٿي ويو. جڏهن ته 322 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. پاڪستان ۾ ڪرونا جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 12 لک 92 هزار 728 ٿي ويو. ڪالهه نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 322 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، وڌيڪ 197 مريض صحتياب ٿي ويا. جڏهن ته هاڪاري ڪيسن جي شرح 0 ڏهائي 67 سيڪڙو ٿي وئي. پاڪستان ۾ هن وقت تائين 28 هزار 898 ڪرونا وائرس جا مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جا 9 هزار 529 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 652 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 47 هزار 811 ٽيسٽون ڪيون ويون. جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 2 ڪروڙ 30 لک 48 هزار 609 ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن. پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 13 لک 85 هزار 125 ماڻهن کي ڪرونا وائرس جي ويڪسين ڏني وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button