پاڪستانسنڌ

ڪوٽڙي ۾ ايس ايڇ او ايئرپورٽ لطيف آباد جو نوجوان ڀاڻيجو قتل

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي ۾ هٿياربندن ايس ايڇ او جي ڀاڻيجي کي قتل ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب ڪوٽڙي جي ڀٽائي ڪالوني واري علائقي ۾ صبح فجر مهل لطيف آباد ايئرپورٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او اياز ٻگهيو جي ڀاڻيجي 19 سالن جي نوجوان عمران ٻگهيو کي موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربندن گوليون هڻي ان وقت قتل ڪيو جڏهن هو کير جي دڪان تي ويٺو هو. هٿياربند واردات بعد فرار ٿي ويا، اطلاع تي وڏي انگ ۾ رهواسي گڏ ٿي ويا، پوليس هڪ ڪلاڪ دير سان پهتي، مقتول نوجوان جو لاش ڪوٽڙي جي بلاول ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي لاش اباڻي ڳوٺ خيرپور ناٿن شاهھ کڻائي ويا، جتي کيس اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو. ياد رهي ته هفتي دوران ڪوٽڙي سائيٽ ۾ قتل جي ٻي واردات آهي. واقعي جو ڪيس اڃا تائين داخل نه ٿي سگهيو. ان سلسلي ۾ مقتول جي والد پرويز ٻگهيو جو چوڻ آهي ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، خبر ناهي ته نوجوان پٽ کي ڇو قتل ڪيو ويو آهي، پٽ دڪان تي روزگار ڪندو هو، کيس 10 هزار مهينو پگهار ملندي هئي، اسان ڪنهن کي ناهي ڏکايو، پو هي ظالم منهنجو گهر ويران ڪري ويا آھن. هن ايس ايس پي ڄامشورو کان گهر ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦاهي تي لٽڪايو وڃي. رابطو ڪرڻ تي انچارج خورشيد پوسٽ اياز ٻگهيو ٻڌايو ته اسان شروعاتي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي ۽ واقعي جي رپورٽ داخل ڪئي آھي، وارثن جي فرياد موجب ڪيس داخل ڪيو ويندو، مقتول جي موبائل جي ڊيٽا وٺنداسين، موبائل مليو آھي، رت جا نشان اٿس، ان سان گڏ هڪ گولي جو خول مليو آھي، گولي هڪ لڳل آُهي، واقعو دشمني سبب ٿيو يا ڪا واردات ٿي آھي، ان جي گهڻ رخي جاچ ڪريون پيا، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button