پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ۾ حنيف ڪاتيار جي وارثن جو احتجاج، اپوزيشن ليڊر پهتو

ٽنڊوالهيار: راهوڪي ٿاڻي ۾ گرفتاري بعد قتل ٿيل نوجوان حنيف ڪاتيار جي وارثن انصاف لا ٽنڊوالهيار جي شاهه لطيف گيٽ اڳيان ڪئمپ قائم ڪري مظاهرو ڪري بک هڙتال شروع ڪري ڇڏي. راهوڪي ٿاڻي ۾ گرفتاري بعد پوليس جي تشدد ۾ قتل ٿيل نوجوان حينف ڪاتيار جي ڪيس ۾ انصاف لا وارثن پاران انصاف لا شاهه لطيف گيٽ آڏو احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ۽ تحريڪ انصاف اڳواڻ ايڊووڪيٽ علي پلهه پهچي وارثن سان ملاقات ڪئي، اڳواڻن وارثن کي هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي ۽ تعزيت ڪئي. ان موقعي تي حليم عادل شيخ چيو ته ٿاڻن ۾ غريبن کي قتل ڪرڻ معمول بڻجي ويو آهي، سنڌ جا پوليس آفيسر پ پ جي وزيرن جا دادلا آهن، پر اسان ڪنهن کي بخش نه ڪنداسين. هن صحافين سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ پوليس گردي ۽ زرداري گردي عام ٿي چڪي آهي، هنن جا پوليس آفيسر ۽ جاگيردار سڀ هڪ جهڙا آهن، هنن ناظم جوکيو کي به ائين ئي ماريو هو. پوليس پٽي ڀائي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، سنڌ جي سمورن ٿاڻن تي ڀتاخور ايس ايڇ اوز مقرر ٿيل آھي، جيڪي ايس ايس پيز کي ڀتو پهچائڻ لا معصوم ماڻهن کي تشدد ڪري قتل ڪن ٿا. حنيف ڪاتيار جي معصوم نياڻي انصاف گهري رهي آھي، تحريڪ انصاف معصوم نياڻي کي ضرور انصاف وٺرائي ڏيندي. آئون پڇڻ چاگيان ٿو ته ايس ايڇ اوز کي ماڻهو مارڻ جو لائيسنس ڪنهن ڏنو آهي، سنڌ پوليس ڀتا خور بڻجي وئي آهي. حنيف ڪاتيار جي قاتل ايس ايڇ او کي ٽنڊوالهيار جي چوڪ تي سرعام ڦاهي تي چاڙهيو وڃي. هن چيو ته راهوڪي ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي ضمانت رد ڪري کيس جيل موڪلي عبرتناڪ سزا ڏئي حنيف ڪاتيار جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button