پاڪستانسنڌ

نفيس نگر ۾ مسئلا ئي مسئلا، ڪو ترقياتي ڪم نه ٿيو

نفيس نگر: نفيس نگر شهر 2021ع ۾ به پاڻي، صحت، تعليم ۽ روڊن جي تباهه حالي وارن مسئلن جي ور چڙهيل آهي. شهر ۾ 15 سالن دوران ٽڪي جو به ترقياتي ڪم نه ٿيو. تعليم کاتي جي بي دياني سبب گرلس پرائمري توڙي بوائز پرائمري اسڪولن ۾ 2 سال گذرڻ باوجود استاد مقرر نه ٿي سگهيا، اسڪولن جون عمارتون به زبون ٿي ويون آهن. جنهن ڪري 300 کان وڌيڪ شاگردن توڙي نياڻين جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي. 10 سال اڳ پ پ حڪومت ۾ ڏيڍ ڪروڙ رپين جي لاڳت سان واٽر سپلاءِ اسڪيم تعمير ڪرائي وئي، جيڪا پبلڪ هيلٿ عملي جي لاپرواهين سبب هينڊ اوور ٿيڻ کان اڳ ئي ناڪاره بڻجي وئي، جنهن سبب 20 هزار آبادي پاڻي جي ڦڙي لاءِ دربدر آهي. نئون ڪوٽ، فضل ڀنڀرو، جهڏو ۽ ٽالهي سميت مختلف علائقن ڏانهن ايندڙ ويندڙ مين روڊن ۾ کڏا پئجي ويا آهن ۽ مختلف هنڌن تي ٺهيل موريون ٽٽي ويون آهن. شهرين علي نواز ٽنگڙي، دودو آٿيلو، کيمچند ڀيل، سانوڻ اوٺو ۽ ٻين چيو ته شهر کنڊر بڻجي ويو آهي. هنن مير منور ٽالپر ۽ ايم پي اي مير طارق ٽالپر کان گهر ڪئي ته شهر جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايم پي اي مير طارق ٽالپر ٻڌايو ته شهر ۽ ڀرپاسي جي مسئلن بابت لاڳاپيل عملدارن سان ڳالهائي سمورا مسئلا حل ڪرايا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button