پاڪستانسنڌ

خوشنصيب آهيان جو مسڻ واسين جي خدمت ڪئي:ڊاڪٽر قربان لغاري

مسڻ وڏي: رورل هيلٿ سينٽر مسڻ وڏي جي سينيئر ڊاڪٽر قربان علي لغاري کي رٽائرڊ ٿيڻ تي الوداعي پارٽي ڏني وئي. الوداعي پارٽي ۾ مھمان خاص رورل هيلٿ سينٽر جي رٽائرڊ ڊاڪٽر محمد سراز، مالھي سائين بخش لغاري، چوڪيدار محمد رحيم ۽ هيلٿ ٽيڪنيشن ڀڳيو ميگھواڙ هئا. پارٽي کي ڊاڪٽر قربان علي لغاري خطاب ڪندي چيو ته خوشنصيب آھيان جو مون علائقي واسين جي خدمت ڪئي، جڏهن هتان جي آ ايڇ ايس جي ملازمن کي برطرف ڪيو ويو ته تمام گهڻو ڏک پهتو، مطالبو ٿو ڪريان ته برطرف ملازمن کي بحال ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڊاڪٽر محمد سراز خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر قربان علي لغاري 22 سال هتي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون، جنهن تي کيس خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. ان موقعي تي ايم ايس ڊاڪٽر فاروق احمد ڀٽي، ٽيڪنيشن الطاف حسین لغاري، ٽيڪنيشن خليل الله بليدي، عبد مري ۽ حسين شاهھ پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button