پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر ۾ ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف عوامي تحريڪ جي ريلي

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر ۾ ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف سنڌي هاري تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ ٿرپارڪر جي ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي، ريلي عوامي هائوس ننگرپارڪر کان شروع ٿي ۽ شهر جي مختلف چوڪن کان ٿيندي مسڪين جهان خان کوسو چوڪ تي پهتي، جتي ڪارڪنن مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ لال جروار، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، عوامي تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر جي صدر اوڀايو جوڻيجو، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ قومي راڳي ديال صحرائي، وڪيل ديوتراءِ، مگهنو ڪولهي، مرڪزي اڳواڻ ڪبير ڀيل، عوامي ورڪر پارٽي اڳواڻ رمضان، ڪارونجهر فورم اڳواڻ الهرکيو کوسو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪارونجهر جبل اسان جي تهذيب ۽ ثقافت جو اهڃاڻ آهي، هن ۾ هزارين سالن کان مذهبي ۽ ثقافتي ماڳ موجود آهن، جبل مان وهندڙ پاڻي جي وهڪرن مان پاڻي پي سوين ڳوٺ زندگي بسر ڪندا آهن، هزارين ناياب جانور ۽ ٻوٽا ڪارونجهر جي ڪري محفوظ آهن، حڪمران سازش تحت هي ثقافتي ماڊل وڪرو ڪري پنهنجا ڀڀ ڀرڻ چاهين ٿا، انهن سڀني کان زندگي نه کسي وڃي ۽ ڪارونجهر جي ڪٽائي بند ڪئي وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته عوامي تحريڪ پهرئين ڏينهن کان ڪارونجهر جي ڪٽائي جي مخالفت ڪئي آهي، هتي جي چونڊيل نمائندن جي خاموشي اهو ظاهر ڪري ٿي ته اهي وفاق سان مليل آهن، ڪارونجهر جي سودي ۾ انهن جو هٿ آهي، اسان تي زوري ٿاڦيل حڪمران مال ۽ ڪرسي لاءِ هر مقدس هنڌ وڪرو ڪري ڇڏين ٿا. هنن گهر ڪئي ته حڪمران طبقو ڪارونجهر جي ڪٽائي کي بند ڪرائي ۽ ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button