اسلام آبادپاڪستان

2021 سال:ڊاڪٽر قدير خان،ممنون حسين،ممتاز ڀٽو،عمر شريف وڇڙي ويا

اسلام آباd )2021 ۾ ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان، ممنون حسين، بزرگ سياستدان ممتاز ڀٽو، سيد علي گيلاني ڪاميڊين عمر شريف سميت ڪيترائي ناليوارا ماڻهو اسان کان وڇڙي ويا. تفصيل موجب 2021 ۾ پاڪستان جو ناليوارو ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقيدير خان اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. سندس عمر 85 سال هئي، ڊاڪٽر عبدالقدير خان نومبر 2000 ۾ ڪڪسٽ نالي درسگاهه جو بنياد رکيو. عبدالقدير خان اهو بهترين ناليوارو سياستدان آهي، جنهن 8 سالن جي نهايت گهٽ عرصي ۾ اڻ ٿڪ محنت ۽ دلچسپي سان ايٽمي پلانٽ نسب ڪري دنيا جي ناليوارن نوبل انعام ماڻيندڙ سائنسدان کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو. بزرگ حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني ڊگهي بيماري کان پوءِ هن فاني جهان مان لاڏڻو ڪري ويو. ان سان گڏ والاريل وادي جي آزادي لاءِ ٿيندڙ هڪ ڊگهي جدوجهد جو باب به ختم ٿي ويو. قابض ڀارتي انتظاميا سيد علي گيلاني کي گذريل 12 سالن کان سرينگر ۾ گهر ۾ لاڳيتو نظربند ڪري ڇڏيو هو. گيلاني کي 20 سالن تائين ڀارت ۽ والاريل ڪشمير جي جيلن ۾ قيد رکيو ويو. پاڪستان جو اڳوڻو صدر ممنون حسين به ڊگهي بيماري کان پوءِ لاڏاڻو ڪري ويو. ممنون حسين 2013 کان 2018 تائين پاڪستان جو صدر رهيو ۽ هو مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻن ۾ ليکيو ويندو هو. مرحوم ممنون حسين 23 ڊسمبر 1940 ۾ ڄائو هو، جون 1999 کان آڪٽوبر 1999 تائين سنڌ جو گورنر به رهيو. جڏهن ته 19 اپريل 1955 ۾ اک کوليندڙ ڪاميڊي جو بادشاهه عمر شريف به پنهنجي مداحن کي ڇڏي ويو. 14 سالن جي عمر کان اسٽيج اداڪاري شروع ڪندڙ عمر شريف ڪاميڊي جي دنيا جو ڪنگ بڻجي ويو. ٽي وي، اسٽيج ايڪٽر، فلم ڊائريڪٽر، ڪمپوزر، شاعر مصنف پروفيسر اهي سموريون صلاحيتون عمر شريف جي شخصيت جي سڃاڻپ بڻيون. عمر شريف کي ڏکڻ ايشيا جي ڪنگ آف ڪاميٽي جو خطاب به ڏنو ويو. سندس موت جي خبر نه رڳو پاڪستان پر سرحد پار فنڪارن ۽ مداحن کي به روئاڙي ڇڏيو. مزاحتي ڊرامن ۾ اداڪاري جاجلوا ڏيکاريندڙ ناليواري اداڪاره دردانا ڀٽ 83 ورهين جي عمر ۾لاڏاڻو ڪري وئي. دردانا بٽ اداڪار 70 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان ٽيلي ويزن جي مشهور ڪاميڊي ڊراما ففٽي ففٽي ۾ معين اختر سان گڏ شروع ڪئي هئي. سينيئر اداڪارا کي سندس بهترين صلاحيت جي اعتراف ۾ سال 1985 ۾ پي ٽي وي پاران بهترين اداڪارا جو ايوارڊ به ڏنو ويو آهي. ناليواري ڊراما ليکڪ ۽ مقالا لکندڙ حسينه معين ۾ هن سال لاڏاڻو ڪري وئي. پي ٽي وي جي مقبول ترين ڊرامه نويس جو اعزاز پنهنجي نالي ڪندڙ حسينا معين ڀارتي رياست اتر پرديش جي شهر ڪانپور ۾ جنم ورتو هو. حسينا معين پي ٽي وي لاءِ کوڙ سارا يادگار ڊرامه لکيا جن ۾ شيزوري، زير زبر پيش، انڪل عرفي، ڌوپ ڪناري ۽ آئينا سميت ٻيا شامل آهن. 2021 ۾ ناليوارو مزاح نگار فاروق قيصر (انڪل سرگم) به لاڏاڻوڪري ويو. هو اسلام آباد ۾ اسان کان وڇڙي ويو هو. دل جو مريض هو، هو 31 آڪٽوبر 1945 ۾ لاهور ۾ ڄائو هو. پاڪستان جي پهرين ٽي ويزبان جو اعزاز رکندڙ ريڊيو اينڪر ڪنول نصير 70 سالن جي عمر ۾لاڏاڻو ڪري ويو. ڪنول نصير ريڊيو ۽ ٽي وي سان 5 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين لاڳاپيل رهيو. هن رڳو 17 سالن جي عمر ۾ ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي. ماضي جي ناليواري اداڪارا خورشيد شاهد به 2021 ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، 2021 ۾ فلم، ٽي وي ۽ ريڊيو جو نالي واروا داڪار سهيل اصغر جگر جي ڪينسر سبب دنيا ڇڏي ويو. نالي واري اداڪارا بشريٰ انصاري جي ڀيڻ اداڪاره سنبل شاهد ڪرونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري وئي. هن سال ممتاز اداڪارا نائلا جعفري به لاڏاڻو ڪري وئي. هو ڪراچي ۾لاڏاڻو ڪري وئي. ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هئي. فلم ۽ ڊرامه جو نالو وارو اداڪار انور اقبال به دنيا ڇڏي ويو. هلندڙ سال پاڪستاني گلوڪار ۽ موسيقار ۽ اورلوڊ جو ميوزيشن فرحاد همايون جي لاڏاڻي جي خبر ان جي آفيشل فيس بوڪ جي پيج جي ذريعي ڏني وئي. فرحاد همايون 2003 ۾ اورلوڊ نالي ميوزڪ گروپ جوڙيو هو، جنهن جو شمار ملڪ جي مشهور ميوزڪ بينڊز ۾ ٿئي ٿو. پاڪستان جو نالي وارو دانشور ۽ ڪالم نگار انجمل نيازي 74 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. بهترين ڪالم لکڻ تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کيس ستاره امتياز سان نوازيو. هلندڙ سال سنڌ جو اڳوڻو گورنر ۽ وڏو وزير ممتاز علي ڀٽو به لاڏاڻو ڪري ويو. ممتاز علي ڀٽو ذوالفقار علي ڀٽو جو سئوٽ هو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪابينا ۾ وفاقي وزير به رهي چڪو هو. ممتاز ڀٽو 22 ڊسمبر 1971 کان 20 اپريل 1972 تائين سنڌ جي اٺين گورنر طور فرض نڀايا، جنهن کان پوءِ پهرين مئي 1972 کان 20 ڊسمبر 1972 تائين هو. سنڌ صوبي جو 13 هون وڏو وزير به رهيو. (ن) ليگ جو سينيئر اڳواڻ مشاهد الله خان 68 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مشاهدالله خان 1990 ۾ مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿيو هو. هو سال 2009 ۽ 2015 ۾ سينيٽر چونڊيو ويو. نالي وارو هاڪي جو رانديگر نويد عالم رت جي سرطان (بلڊ ڪينسر) سبب لاڏڻو ڪري ويو هو. شوڪت خانم اسپتال لاهور ۾ علاج هيٺ هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button