پاڪستانرانديون

ٽي-ٽوئنٽي انٽرنيشنل پليئرز آف دي ايئر نالن جو اعلان، قومي ڪرڪيٽرمحمد رضوان به شامل

دبئي: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين محمد رضوان کي آءِ سي سي ٽي-20 پليئر آف دي ايئرز نامزدگين ۾ شامل ڪيو ويو آهي. آءِ سي سي ٽي-20 انٽرنيشنل پليئر آف دي ايئرز جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان جو محمد رضوان به انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل طرفان سال جي بهترين رانديگرن لاءِ نامزد ڪيل چئن رانديگرن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو آهي.

پليئر آف دي ايئرز لاءِ نامزد ڪيل ٻين رانديگرن ۾ انگلينڊ جو جوز بٽلر، سريلنڪا جو هسارنگا ۽ آسٽريليا جو مچل مارش شامل آهي. ياد رهي ته محمد رضوان ٽي-20 انٽرنيشنل جي هڪ ڪئلينڊر سال ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪور ڪندڙ رانديگر آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button