پاڪستانسنڌ

ڇاڇري ۾ 8 مهينن ۾ روڊ اکڙي ويو، ڳوٺاڻن جو مظاهرو

ڇاڇرو: ڇاڇرو لڳ ڳوٺ آدم رند کان مانجھي رند، ڪيسراڙ سمان ڏانهن ويندڙ روڊ هڪ سال اندر تعمير ٿيڻ بعد ناقص مٽيريل جي استعمال سبب اکڙي ويو. لکين رپين جي لاڳت سان 8 مهينن ۾ تيار ڪيل 8 ڪلوميٽر روڊ ٽٽي تباھه ٿي ويو، جنهن خلاف ڳوٺ مانجھي رند جي رهواسين محمد يوسف رند، تارومل، توڪلي رند، هرنات، لوڻومل، اشوڪ ڪمار ميگهواڙ ۽ رضا علي رند جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته ڳوٺ ڏانهن ايندڙ 8 ڪلوميٽر روڊ بجيٽ ۾ ايم اين اي مرحوم پير نور محمد شاهه جيلاني ڏنو هو، جيڪو ٺيڪيدار ۽ ضلعي روڊس کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت ڪري ناقص مٽيريل سبب ڪجهه مهينن ۾ اکڙي ويو آهي، روڊ جي هنڌان هنڌان روڙي وارا وڏا پٿر نڪري ويا آهن. سماجي اڳواڻ مولوي احمد علي رند، ٺيڪيدار عامر بروهي ۽ روڊس کاتي جا عملدار ڪرپشن ۾ ملوث آهن. ڳوٺاڻن وڏي وزير ۽ سيشن ڪورٽ مٺي کان مطالبو ڪيو ته عملدارن ۽ ٺيڪيدار خلاف ڪارروائي ڪري نئين سر روڊ تعمير ڪري ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button