اسلام آبادپاڪستان

نئون مڪاني نظام اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج،صدر کي نوٽيس

اسلام آباد :سلام آباد جي مڪاني نمائندن نئين لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ صدر عارف علوي، گهرو سيڪريٽري، سيڪريٽري قانون ۽ اٽارني جنرل کي به نوٽيس جاري ڪندي 11 جنوري تي طلب ڪري ورتو آهي. درخواست ڏيندڙ سردار مهتاب چيو آهي ته ميئر جي سڌي سنئين چونڊ، ڊپٽي ميئرز جو عهدو ختم ڪرڻ قانون جي ڀڃڪڙي آهي. درخواست ڏيندڙ جي وڪيل قاضي عادل ايڊووڪيٽ ٻڌايو ته لوڪل گورنمينٽ هلائڻ لاءِ غير چونڊيل ماڻهن جي ڪائونسل به قانون جي ڀڃڪڙي آهي. لوڪل گورنمينٽ 2015 جي قانون جي موجودگي ۾ آرڊيننس ذريعي نئون نظام آئين سان تڪراري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button