پاڪستانسنڌ

هالا پراڻا ۾ ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ جي ياد ۾ مفت اکين جي ڪيمپ لڳائي وئي

هالا: مرحوم ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ جي ياد ۾سول سوسائٽي سنڌ هالاپراڻا طرفان شهيد محمد اسلم ميمڻ بوائز هاءِ اسڪول ۾ 3 ڏينهن جي مفت اکين جي ڪئمپ لڳائي وئي. سول سوسائٽي سنڌ هالاپراڻا طرفان لڳرايل مفت اکين جي ڪئمپ ۾ سول سوسائٽي جي چيئرمين سيد گلفام شاهه ڪاظمي، عبدالڪريم ميمڻ، عبدالرحيم ميمڻ، عرفان علي ميمڻ، ماما لاهوتي، رئيس مسعود مهدي پنهنجي ٽيم سان گڏ خدمتون سرانجام ڏنيون.

جڏهن ته پروفيسر ڊاڪٽر نياز ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالرشيد ميمڻ، پرويز احمد شيخ، ڊاڪٽر نديم نثار ميمڻ ۽ ٻين مفت اکين جي ڪئمپ جا دورا ڪيا ۽ سول سوسائٽي جي ڪم کي ساراهيندي چيو ته انسانيت جي خدمت ڪرڻ ئي اصل عبادت آهي، غريب مسڪين ۽ بي پهچ اکين کان بي نور ماڻهن لاءِ مفت ڪئمپ لڳرائي سول سوسائٽي هڪ وڏو ڪم ڪيو آهي، ڪئمپ تي مريضن جون مفت چڪاس ڪري کين عينڪون توڙي سندن آپريشن ڪيا پيا وڃن ۽ کين مفت دوائون فراهم ڪيون پيون وڃن جيڪو ڪم تمام گهڻو ساراهه جوڳو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button