اسلام آبادپاڪستان

نئين سال جي موقعي تي آتشبازي روڪڻ جي درخواست رد

اسلام آباد:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نئين سال جي موقعي تي آتشبازي روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. هڪ شهري رات 12 وڳي لاءِ جاري اين او سي واپس وٺڻ جي استدعا ڪئي هئي ۽ درخواست ڏيندڙ جي وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو هو ته ڊپٽي ڪمشنر 31 ڊسمبر جي رات لاءِ اين او سي جاري ڪئي. جي ٽي روڊ به گڏ آهي، ان ڪري آتشبازي جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. درخواست ۾ چيو ويو هو ته اسلام آباد جي وڏن شاپنگ مالز تي 30 منٽن تائين آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويندو آهي، جنهن کي وڏي انگ ۾ ماڻهو ڏسڻ لاءِ ايندا آهن. ان ڪري ٽريفڪ جام جا مسئلا به ٿيندا آهن. درخواست ڏيندڙ جي وڪيل چيو ته نوجوان ونگ ويلنگ کان علاوه ٻيون به طرح طرح جون حرڪتون شروع ڪري ڇڏيندا آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله شنوائي دوران ريمارڪس ڏنا ته اهو سڄي دنيا ۾ ٿيندو آهي صرف هتي نه پيو ٿئي. اهو ته سعودي عرب ۾ به ٿيو آهي، عوام کي انجواءِ ڪرڻ ڏيو. جنهن کان پوءِ عدالت فائر ورڪ روڪڻ جي درخواست ٻڌڻ جوڳي نه هجڻ تي رد ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button