اسلام آبادپاڪستان

نواز شريف خلاف پلاٽ الاٽمينٽ ڪيس بند ناهي ڪيو:نيب لاهور

اسلام آباد :قومي احتساب بيورو (نيب) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف پلاٽ الاٽمينٽ ڪيس بند ڪرڻ متعلق ميڊيا رپورٽن کي بي بنياد قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن پنهنجي وضاحتي بيان ۾ نيب لاهور طرفان ايل ڊي اي پلاٽن جي الاٽمينٽ انڪوائري بند هئڻ بابت ميڊيا جي هڪ حصي ۾ شايع ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خبر نشر ڪرڻ جي حوالي سان ردِعمل ۾ واضح طور اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف پلاٽن جي الاٽمينٽ ڪيس کي بند ڪرڻ بابت ميڊيا جي رپورٽن کي بي بنياد قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ واضح ڪيو آهي ته نواز شريف طرفان ايل ڊي اي پلاٽن جي غير قانوني الاٽمينٽ جي ڪيس جي انڪوائري نيب لاهور ۾ جاري آهي ۽ ان ڪيس ۾ بند نه ڪيو ويو آهي. عوام ۾ غلط رپورٽنگ ذريعي بي بنياد ڄاڻ جي فراهمي نه صرف بدديانتي آهي بلڪه نيب خلاف مهم جو حصو آهي. نيب اُميد رکي ٿو ته ذميداراڻي صحافت جي حقيقي روح مطابق نيب سان لاڳاپيل ڪنهن به خبر کي شايع ڪرڻ کان اڳ ان جي تصديق ڪئي وڃي ۽ نيب ترجمان کان نيب جو سرڪاري مؤقف حاصل ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button