اسلام آباد:سڄي ملڪ ۾ گذريل چوويهه ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس سبب 6 فوتگيون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 515 ماڻهن جا ڪرونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 13 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 8 سيڪڙو، لاهور ۾ 08 سيڪڙو ۽ سرگوڌا ۾ 10 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 47 هزار 856 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 486، پنجاب ۾ 18 هزار 13، خيبرپختونخواهه ۾ 10 هزار 287، اسلام آباد ۾ 4 هزار 936، بلوچستان ۾ 363، گلگت بلتستان ۾ 293 ٽيسٽ ڪيا ويا. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 75 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 10 هزار 112 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪرونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 12 لک 95 هزار 376 آهي. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 2 ڪروڙ 33 لک 72 هزار 405 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 640 اسپتالن ۾ 697 مريض علاج هيٺ آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close