پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم ۾ 250 جوڙن جي اجتماعي شادي، جشن

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم ۾ سماجي تنظيم اڏيرو لعل ويلفيئر ايسوسيئيشن رواداري جو مثال قائم ڪندي پنهنجي خرچ تي 250 جوڙن جي اجتمائي شادي ڪرائي. شھر جي مقامي هال ۾ 250 جوڙن جي اجتماعي شادي ٿي، جنهن ۾ گهوٽيتا ۽ ڪنواريتا ڄڃ وٺي هال ۾ پهتا ته دهلن شريانين سان سندن استقبال ڪيو ويو. تقريب ۾ سانگهڙ، حيدرآباد، مٽياري، ٽنڊوالهيار، مٺي، شھيد بينظيرآباد، ميرپورخاص، دادو ۽ بدين ضلعن مان پهتل 100 مسلمان، 127 هندو ۽ 23 عيسائي جوڙن جي شادي ڪرائي وئي. گهوٽ ڪنوار کي وڳا، سونو ڪوڪو، روڪ رقم، هنڌ، ڪمبل ۽ گهر ۾ استعمال هيٺ ايندڙ هڪ لک کان وڌيڪ ماليت جو ڏاج ڏيڻ سميت ڄاڃين ۽ مهمانن کي ماني کارائي وئي. سماجي اڳواڻ مرزا اشفاق بيگ مسلمان 100 جوڙن کي قرآن پاڪ تحفي ۾ ڏنا. تقريب ۾ ڊي آ جي شھيد بينظيرآباد خادم حسين رند سميت معززن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊي آ جي خادم رند، سنت نند لال، سندر داس، راجيش ڪمار ۽ ليلا رام چيو ته غربت وڌڻ سبب غريب پنهنجي اولاد جون شاديون ڪرائي نٿو سگهي، جنهن سبب ڪيترين نياڻين جي عمر وڌي وڃڻ سبب شاديون نه ٿيون ٿين، هي هڪ عظيم ڪم آھي. سرندي وارا ۽ حڪومت هنن جي هن خير جي ڪم ۾ سهائتا ڪن. ان موقعي تي تنظيم جي چيئرمين بابا راجڪمار ٻڌايو ته اسان بنا ڪنهن مڌ بيد ۽ مذھب جي مسڪين جوڙن جون شاديون 2015ع کان هر سال ڪرائي رهيا آھيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button