پاڪستانپنجاب

نوازليگ جو ايم پي اي بلال ياسين قاتلاڻي حملي ۾ زخمي

لاهور:مسلم ليگ ن جي مقامي اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر بلال ياسين تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هو مرڻينگ ٿي پيو آهي. داتا درٻار واري علائقي ۾ نامعلوم ماڻهن مٿس حملو ڪري کيس نشانو بڻايو. پوليس موجب هو ليگي ڪارڪن جي گهر پهتو ئي مس هو ته موٽرسائيڪل سوارن مٿس فائرنگ ڪئي جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيو. شهرين کيس اسپتال پهچايو، حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي. مريم نواز واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته بلال ياسين نوازشريف جو وفادار ساٿي آهي. هن جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير واقعي جو نوٽيس ورتو آهي. آ جي پنجاب کان رپورٽ گهرندي جوابدار گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button