اسلام آباد :پاڪستان جي ٽن وڏن شهرن اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور ۾ ڪرونا جي ڏکڻ آفريڪي قسم اوميڪرون جي ڪيسن ۾ تيزي سان اضافو ٿيڻ لڳو. اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته ڪرونا جي نئين لهر جي شروعات جا آثار سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. ڪالهه سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽويئٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چيو آهي ته ملڪ ۾ نئين لهر جي ڪجهه هفتن ۾ اچڻ جو امڪان آهي. اسد عمر وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ اوميڪرون جا ڪيسز تيزي سان وڌي رهيا آهن. اوميڪرون کان بچڻ جو بهترين حل ماسڪ جو استعمال آهي. هوڏانهن پاڪستان جي ٽن وڏن شهرن اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور ۾ ڪرونا جي ڏکڻ آفريڪي قسم اوميڪرون جي ڪيسن ۾ تيزي سان اضافو ٿيڻ لڳو آهي. اين سي او سي مطابق اسلام آباد ۾ هن وقت تائين اوميڪرون جي 64 ڪيسن جي تصديق ٿي چڪي آهي. جڏهن ته پنجاب ۾ اميڪرون جي 50 ڪيسن ۾ 49 جو تعلق لاهور سان آهي. گلشن اقبال بلاڪ 7 ۾ اوميڪرون جا 11 ڪيس ظاهر ٿيڻ تي 14 جنوري تائين مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close