بلوچستانپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

لکين رپين جو ڀاڻ افغانستان اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

ڪوئيٽا: چمن ۽ ڊيرا مراد جمالي ۾ ڪسٽمز افغانستان منتقل ڪئي ويندڙ ڀاڻ جي اسمگلنگ ناڪام بڻائي ڇڏي. ڪسٽمز ۽ ليويز چمن ۽ ڊيرا مراد جمالي ۾ ڪارروائيون ڪندي ڀاڻ جون 4 ٽرڪون تحويل ۾ وٺي ڇڏيون. ڪسٽمز اختيارين موجب عملي ڪسٽمز هائوس چمن ۾ ايڪسپورٽ جي نيت سان ايندڙ پٽاٽن جي ٽرڪ جي جهڙتي ورتي ته 480 ٻوريون يوريا ڀاڻ جون هٿ آيون، جنهن جو مقدار 24 ميٽرڪ ٽن ٿئي ٿو. ڪارروائي کانپوءِ ٽرڪ ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ايڪسپورٽر ۽ ڪليئرنس ايجنٽ خلاف به ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. هوڏانهن ڊيرا مراد جمالي ۾ ليويز ڪارروائي دوران قومي شاهراهه تي ڀاڻ جي ٽن ٽرڪن کي تحويل ۾ ورتو، جن مان 1900 ڀاڻ جون ٻوريون هٿ آيون، ليويز ٽرڪن جي ڊرائيورن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. واضح رهي ته بلوچستان حڪومت طرفان پاڙيسري ملڪن ۾ ڀاڻ موڪلڻ تي پابندي لڳايل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button