ننگرپارڪر: ننگرپارڪر ۾ ڪارونجھر سجاڳ فورم پاران ڪارونجھر بابت سڄاڳي مھم ٻاويھين ڏينهن به جاري رھي. ڳوٺ گھرٽياري ۾ اڳواڻن الھرکيو کوسو، مصطفى دل، ساگر خاصخيلي، رمیش ڪارونجھري، مير محمد دل، ذوالفقار کوسو ۽ ٻين ڳوٺاڻن سان ملاقات ڪري کين ڪارونجھر جي ڪٽائي خلاف ۽ ڪارونجهر کي ھميشه لا محفوظ ڪرڻ بابت سجاڳي ڏني. اڳواڻن چيو ته ڪارونجھر جا سمورا جبل ھتان جي ماڻھن ۽ ٻين جاندارن لا جياپي جو ذريعو آھن، گذريل 30 سالن کان ڪارونجھر جبل کي ڪٽڻ جو سلسلو جاري آھي، ھن وقت عدالتي حڪم کانپو ڪٽائي وارو عمل عارضي روڪيو ويو آھي. مقامي ماڻهو ڪارونجھر جو مستقل حل چاھين ٿا، پر ٺيڪيدار ۽ ڪمپنيون لاڳاپيل کاتي جي ملي ڀڳت سان مختلف وقتن تي ڪارونجھر جي ڪٽائي شروع ڪن ٿيون، ڪارونجھر ٿر جي مقامي ماڻھن توڙي جاندارن جي جيئڻ جو ذريعو آھي، ڪارونجھر اندر 500 جي لڳ ڀڳ ڳجهه پکي آھن، جيڪو پاڪستان ۾ ٻي ڪٿي به نٿو ملي، ڳجهھ پکي ماحوليات دوست پکي آھي، ڪارونجھر مان ننڍيون وڏيون 150 کان وڌيڪ نديون وھن ٿيون. هنن وڌيڪ چيو ته 2 مهينا اڳ ننگرپارڪر ۾ سنڌ حڪومت پاران عوامي ٻڌڻي ٿي، مقامي ماڻهن ايم پي اي قاسم سومرو ۽ خاص معاون ويرجي ڪولھي اڳيان ڪارونجهر جي ڪٽائي کي رد ڪيو، پر ھن وقت تائين سرڪار قدم کاني کنيو، ليزون رد ڪري ڪمپنين خلاف ڪا قانوني ڪارروائي به ناهي ڪئي وئي. ھنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪارونجھر جون ليزون رد ڪري ڪارونجھر کي عالمي ورثي ۾ شامل ڪري نيشنل پارڪ جو درجو ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close