پاڪستانپنجاب

وزيراعظم کي 21 گريڊ جي غيرقانوني ڀرتين تي نوٽيس جاري

لاهور :لاهور ها ڪورٽ وزيراعظم عمران خان کي غيرقانوني ڀرتين جي حوالي سان نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت اپيلٽ ٽربيونل ان روينيو پاڪستان ۾ گريڊ 21 جي 10 جي جڊيشل ميمبرن جي ڀرتين خلاف ڏنل درخواست تي وزيراعظم عمران خان، سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن، سيڪريٽري قانون سميت ٻين لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيو آهي. عدالت ايف ايس پي سي جي چيئرمين، اٽارني جنرل ۽ ٻين کان 14 جنوري تي جواب گهري ورتو آهي. عدالت درخواست کي شنوائي لا مقرر ڪري ڇڏيو آهي. درخواست ايڊووڪيٽ وحيد شهزاد بٽ داخل ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button