اسلام آبادپاڪستان

پاڪستاني ايئرلائنز ۽ پائلٽس مٿان لڳايل عالمي پابنديون ختم

اسلام آباد:ايوي ايشن جي عالمي تنظيم اڪائو پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي مٿان لڳايل سموريون پابنديون ختم ڪري ڇڏيون آهن، جنهن کان پوءِ پاڪستاني پائلٽس ۽ پي آءِ اي سميت ٻين ايئر لائنز مٿان لڳايل سفري پابنديون ختم ٿي وينديون. انٽرنيشنل سول ايوي ايشن آرگنائيزيشن(اڪائو) طرفان ڊائريڪٽر جنرل سول ايوي ايشن اٿارٽي پاڪستان کي خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾ پابندين جي خاتمي بابت آگاهه ڪيو ويو آهي. اڪائو پاران پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي مٿان پنهنجا سمورا سيفٽي اعتراض واپس وٺي ڇڏيا آهن ۽ اهم سيفٽي اعتراضن تي سول ايوي ايشن پاڪستان پاران کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار به ڪيو آهي. اڪائو طرفان اعتراض واپس وٺڻ کان پوءِ پي آءِ اي سميت سموريون پاڪستاني ايئرلائنز مٿان يورپ، برطانيه ۽ آمريڪا جي سفر لاءِ لڳايل پابنديون به ختم ٿي ويون آهن. اڪائو سول ايوي ايشن اٿارٽي مٿان پائلٽس کي لائسنس جاري ڪرڻ جي پابندي به هٽائي وئي آهي. ان حوالي سان ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل سول ايوي ايشن اٿارٽي جو چوڻ آهي ته اڪائو جي فيصلي کان پوءِ اڏامون بحال ڪرڻ لاءِ يورپي يونين ۽ برطانيا جي سول ايوي ايشن کي خط لکي ڇڏيو آهي ۽ ان طرفان به هلندڙ هفتي ئي ڳالهين جو يقين ڏياريو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button