اسلام آبادپاڪستانسنڌ

عمران خان جو ڪرپٽ چهرو بي نقاب ٿي ويو:بلاول ڀٽو

اسلام آباد/ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسڪروٽني رپورٽ کانپوءِ عمران خان جو ڪرپشن سان ڀريل چهرو عوام جي سامهون اچي ويو آهي. پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان ڪرپشن جي خلاف نام نهاد مهم جي آڙ ۾ ڪرپشن ڪري ملڪ کي لٽيو. سچ ڳالهائڻ جو حلف کڻي تحريڪ انصاف بئنڪ اڪائونٽس اليڪشن ڪميشن کان لڪايا. هن وڌيڪ چيو ته ڪروڙين رپيا خرد برد ڪندڙ سليڪٽيڊ وزير اعظم ٻين کي ڪرپشن جا طعنا ڏيندو هو. هوڏانهن سينيٽر پلوشا خان ۽ سبطل حيدر بخاري سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته پي ٽي آئي جي فارنگ فنڊنگ ڪيس ۾ چوري پڪڙي وئي آهي، هاڻي هو ان جي جواب ۾ ٻين پارٽين تي الزام مڙهي رهيا آهن، پاڻ کي صادق ۽ امين چوندڙن جي صداقت ۽ امانت ظاهر ٿي وئي آهي. پيپلزپارٽي پنهنجي سمورن بئنڪ اڪائونٽس جو تفصيل اليڪشن ڪميشن سميت سڀني آڏو رکڻ لاءِ تيار آهي. الزامن سان اوهان جا مسئلا حل نه ٿيندا، اوهان اليڪشن ڪميشن جي دٻاءُ نه وجهي. پي ٽي آئي تي پابندي جو فيصلو اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي. سپريم ڪورٽ جي جج جي سربراهي ۾ جي آئي ٽي ٺهڻ گهرجي جيڪا فنڊنگ ڪندڙن جا چهرا عوام آڏو آڻي. هن چيو ته پيپلزپارٽي فارن فنڊنگ نه وٺندڙ اڪيلي جماعت آهي، اسان جو سمورو رڪارڊ اليڪشن ڪميشن ۾ موجود آهي. تحريڪ انصاف جاماڻهو ڪوڙا الزام مڙهي تماشو ڪن ٿا. فارن فنڊنگ رڳو تحريڪ انصاف جو مسئلو آهي، ٻيون جماعتون ته 50-50 سال پراڻيون آهن. هن کان اڳ ڪنهن جماعت تي الزام ناهي لڳو. تحريڪ انصاف تي ڪنهن جماعت الزام ناهي مڙهيو پر ان جي پنهنجي ئي باني ميمبر ايس ڪي بابر الزام مڙهيو آهي. هن ڇيو ته ان ۾ اسان جو ڪهڙو قصور آهي عمران خان وٽ درست ڪاغذ هئا ته اهي اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ڪري ها، پنهنجي تباهي پاڻ ڪري. سليم مانڊوي والا چئلينج ڪندي چيو ته اوهان اسان جا اڪائونٽس سامهون آڻيو ۽ پنهنجا ڪائونٽس به سامهون رکو. مني بجيٽ سينيٽ ۾ پيش ڪئي اڄ ڪميٽي ۾ آئي ايف بي آر مني بجيٽ تي بريفنگ ڏني. هر شئي تي ٽيڪس لڳائڻ سان مهانگائي وڌندي. صبغت حيدر بخاري چيو ته اسان ايس ڪي بابر کي سلام پيش ڪريون ٿا جنهن چور ٽولي کي ظاهر ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button