اسلام آبادپاڪستان

اپوزيشن عقل کان ڪم وٺي، يقين آهي جمهوري نظام بهتري طرف ويندو:شيخ رشيد

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته هر پارٽي جي خواهش هوندي آهي ته ان تي ڪنهن جو هٿ هجي. معيشت شديد بحران ۾ آهي جنهن کي ڪڍڻ لاءِ عمران خان ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڪووڊ کي پکڙجندي ڏسي رهيو آهيان، 15 جنوري کان 15 مارچ تائين الله ڪري ڪرونا جي لهر نه اچي. اپوزيشن عقل کان ڪم وٺي يقين آهي ملڪ ۾ جمهوري نظام بهتري طرف ويندو. اپوزيشن ڪائي غلطي ڪئي ته جمهوري نظام ۾ خرابي پيدا ٿي سگهي ٿي. پاڪستان ۾ سياست ميڊيا جي ڪري زنده آهي جيڪڏهن جيئرو رهيس ته چوٿون ڪتاب لکندس. هو اربع تي پنهنجي ڪتاب لال حويلي کان اقوام متحده تائين سياست جا 50 سال جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. شيخ رشيد چيو ته مان ڪتاب انهن ماڻهن لاءِ لکيو جن جي خاندان جو نالو نه هجي جيڪي ڪنهن قسم جي سياست وراثت ۾ کڻي نه ڄاوا هجن. هن چيو ته الله مون کي 15هين وزارت ڏني مان اسٽوڊنٽس هيس جڏهن مون کي چين ڪميونسٽ پارٽي پاران دعوت ڏني وئي. گهرو وزير چيو ته مان پنهنجي جوان زندگي جا 7 سال جيل ۾ گذاري چڪو آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button